ڪُرم ۾ امن جي قيام لاءِ ڌرين وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو

ڪُرم ۾ امن جي قيام لاءِ گرينڊ جرڳي ۾ ڌرين جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو. ڪُرم ۾ امن جي قيام لاءِ ڌرين معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي جي متن موجب ڪُرم ۾ هٿيار استعمال ڪندڙ ڌرين تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. 2008 ۾ طئي ٿيل معاهدي تي عمل ڪيو ويندو. معاهدي جي تحت ڌرين کي هٿيار جمع ڪرائڻا پوندا، ياد رهي ته ڪُرم ۾ امن امان جي قيام لاءِ 3 هفتن کان جرڳو جاري هو. ياد رهي ته جرڳي جي ميمبرن جو انگ مڪمل نه ٿيڻ سبب گذريل ڏينهن معاهدي تي صحيحون نه ٿي سگهيون هيون هاڻ ٻنهي ڌرين وچ ۾ نڪتن تي اتفاق تي ٿي ويو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪوهاٽ گرينڊ جرڳي ۾ صحيحون ٿي ويون آهن. هڪ ڌر جا ڪجهه ماڻهو اڄ صحيحون ڪندا جڏهن ته ڪمشنر ڪوهاٽ جي آفيس ۾ اڄ جرڳي جي حتمي فيصلو جو اعلان ڪيو ويندو.