پنجاب جي ضلعي گجرات ۾ مبينه طور تي ڪمري ۾ ڪوئلي سان ٺهندڙ گيس ڀرجي وڃڻ سبب 5 معصوم ٻار فوت ٿي ويا، معصوم ٻارن جا لاش ڪمري مان مئل حالت ۾ هٿ ڪيا ويا. ريسڪيو اختيارين موجب شاهه جهانگير روڊ تي گهر مان 5 ٻارن جا لاش مليا آهن، ٻارن ۾ 4 ڀينرون، ڀاءُ ۽ انهن جو هڪ سئوٽ شامل آهن. ٻارن جون عمرون 6 کان 13 سالن جي وچ ۾ آهن. ٻار گهر ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ ڪوئلا ساڙي سمهي رهيا هئا. ريسڪيو اختيارين موجب ٻارن جي والده جو چوڻ آهي ته هو اسپتال ويل هئي، جڏهن اسپتال مان واپس گهر آئي ته ٻار بيهوش مليا، ٻارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ٻارن جو پيءُ روزگار جي سلسلي ۾ ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندو آهي.