گرمي کان تنگ ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري: موسميات کاتي اڄ ۽ سڀاڻي برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 موسميات کاتي ڪراچي ۾ خميس ۽ جمعي تي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي گرمي کان تنگ ڪراچي جي شهرين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ خميس ۽ جمعي تي ڪٿي هلڪي ته ڪٿي کنوڻ سان تيز برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي برسات کان اڳ تيز هوا جو به امڪان ظاهر ڪيو آهي موسميات کاتي موجب حب ۽ ڪراچي جي اترين حصي ۾ بنجندڙ ڪڪرن سبب ڪراچي جي مختلف هنڌن ۾ طوفاني هوا ۽ ٻين علائقن ۾ مٽيءَ جون هوائون هلي سگهن ٿيون. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ تيز مٽيءَ جون هوائون هليون جڏهن ته گڏاپ سميت لاڳاپيل علائقن ۾ هلڪي برسات به پئي هئي.