تفصيلن مطابق وفاقي وزير توانائي اويس لغاري پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ انرجی کنزرویشن بلڊنگ ڪوڊ 2023 جي لاڳو ٿيڻ بابت چيو آهي ته ان جي نفاذ لاءِ مراسلن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. انهن مراسلن ۾ وزراِءِ اعليٰ، وزيراعظم آزاد ڪشمير ۽ ٻين کان درخواست ڪئي آهي ته اهي ان قانونن کي فوراً لاڳو ڪن. اويس لغاري چيو ته گرمي ۾ بجلي جي گهرج 29 هزار ميگاواٽ تائين پهچي ٿي ۽ صرف چند ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ بچائڻ لاءِ مهانگي پلانٽس هلائڻا پون ٿا. وزير توانائي چيو ته بلڊنگ قانونن تي عمل ڪرڻ سان توانائي جي بچت ۽ پيڪ ڊيمانڊ جي منيجمنٽ ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. انهن صوبائي حڪومتن کان درخواست ڪئي ته توانائي بچت کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعاون ڪيو وڃي.