لاڙڪاڻي جو ناليوارو بلڊر حاجي ڳهڻو خان جتوئي ڊرائيور سميت خيرپور جي ڪچي مان بازياب ٿي ويو آهي. گذريل رات اسلام آباد کان ڪار تي لاڙڪاڻي ايندي ٻنهي ڄڻن کي خيرپور جي محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيو ويو هو، مغوي ڳهڻو خان جي ڪار لاوارث حالت ۾ هٿ آئي هئي مغوي جي بازيابي لاءِ خيرپور پوليس پيرا کڻي ڪچي ۾ لٿل هئي جنهن کان پوءِ مغوين جي بازيابي عمل ۾ آئي. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو ڳهڻو جتوئي ۽ ڊرائيور جي بازيابيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور شخصيت حاجي گهڻو خان جتوئي گمبٽ جي ڪچي واري علائقي محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي جي حد مان ڊرائيور سميت اغوا ٿي ويو هو، ڌاڙيلن ٻنهي ڄڻن جي اغوا کان پوءِ ڪار پوليس پڪٽ وٽ ڇڏي فرار ٿي ويا هئا.