گهرو وزير کي پنهنجي ڳالهين تي شرم اچڻ گهرجي، هن ڀيري تياري سان اسلام آباد اينداسين: جنيد اڪبر

پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه جي صدر، قومي اسيمبلي جي ميمبر جنيد اڪبر گهرو وزير محسن نقوي کي خبردار ڪيو آهي ته هن ڀيري اسان تياري سان نڪرنداسين، اسان کي اميد نه هئي ته اسان جي مٿان گوليون هلايون وينديون. گهرو وزير ۽ انهي کي آڻيندڙ انهي غلط فهمي ۾ نه رهن ته اهڙين ڪاررواين سان اسان ڊڄي وينداسين، باني چيئرمين حڪم ڏنو آهي ته اسان عوام کي مايوس نه ڪنداسين. پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر جنيد اڪبر پارٽي عهدو ملڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو پشاور موٽر وي ٽول پلازا تي پهچڻ تي سندس آجيان ڪئي وئي، پارٽي ڪارڪنن گلن جا هار پارايا، انهي موقعي تي پشاور مان آيل اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. انهي موقعي تي پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جي صدر جنيد اڪبر صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هن ڀيري اسان تيارين سان نڪرنداسين، اسان کي اميد نه هئي ته اسان تي گوليون هلايون وينديون، گهرو وزير ۽ انهي کي آڻيندڙ انهي غلط فهمي  ۾ نه رهن ته هنن جي هٿڪنڊن سان اسان ڊڄي وينداسين. هن چيو ته باني چيئرمين عمران خان حڪم ڏنو ته انهي ۽ عوام کي مايوس نه ڪنداسين، 8 فيبروري تي صوابي ۾ تاريخ جو وڏو جلسو ٿيندو. جنيد اڪبر خان گهرو وزير جي بيان تي چيو ته انهي کي شرم اچڻ گهرجي، گهرو وزير ۽ انهي کي آڻيندڙن کي خبردار ڪريون ٿا ته هن ڀيري اسان تيارين سان اچي رهيا آهيون، اسان جي ڪارڪنن سان جيڪو ڪجهه  ڪيو ويو اها رياست جي وڏي دهشتگردي هئي. هن چيو ته اسان کي اميد نه هئي ته اسان جي پرامن ڪارڪنن تي گوليون هلايون وينديون. هن ڀيري اسان کي اميد آهي ته حڪومت گوليون هلائي سگهي ٿي، انهي لاءِ اسان تياري ڪري رهيا آهيون ۽ مختلف آپشنن تي به غور ڪري رهيا آهيون. باني چيئرمين جهڙي طرح جو حڪم ڏنو اسان انهي تي عمل ڪنداسين،  اسان هن ڀيري نه باني چيئرمين کي مايوس ڪنداسين ۽ نه ئي وري عوام کي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اڪبر ادارن سان رابطي جي حوالي سان چيو ته اسان نٿا چاهيون ته پارٽي ادارن يا حڪومت سان تڪرار ٿئي پارٽي هدايتن موجب رابطي ٿي رهيا هئا، اسان وچ جو رستو ڪڍڻ چاهيون ٿا ته جيئن هڪ پرامن حل طرف وڃون. هن چيو ته منهنجو حڪومتي معاملن سان ڪوبه واسطو نه آهي، وڏو وزير حڪومتي معاملن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، مان پارٽي جي معاملن تي ڌيان ڏيندس، انهي لاءِ قيادت حڪومتي پارٽي عهدا ڌار ڌار ڪيا آهن. حڪومت ۾ تبديليون وڏي وزير جو مينڊيٽ آهي، منهنجو انهي سان ڪوبه واسطو نه آهي. هوڏانهن پارٽي طرفان جاري ڪيل بيان موجب صدر پي ٽي آءِ جنيد اڪبر پارٽي جو پهريون اجلاس طلب ڪري ورتو، پشاور ۾ پارٽي جي صوبائي سيڪريٽريٽ ۾ ٻنپهرن جو اجلاس ٿيندو اجلاس ۾ سمورن اسيمبلي  ميمبرن ۽ پارٽي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ 8 فيبروري تي صوابي جلسي جي تيارين لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. جنيد اڪبر جو موٽر وي ٽول پلازا تي ڪارڪنن طرفان استقبال به ڪيو ويندو.