گهوٽڪي: مبارڪ لکڻ چوڪي تي ڌاڙيلن جو حملو، جمعدار صاحب ڏنو عباسي شهيد

 سرحد ڀرسان پوليس چوڪي تي مبينا حملو، پوليس جمعدار شهيد، هڪ اهلڪار اغوا ٿي ويو. مبارڪ لکڻ پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جي مبينه حملي ۾ پوليس جمعدار صاحب ڏنو عباسي شهيد ٿي ويو. پوليس موجب هٿياربند هڪ اهلڪار کي هٿيارن سميت اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن. پوليس موجب هٿياربندن جي حملي ۾ پوليس جمعدار صاحب ڏنو عباسي شهيد ٿي ويو آهي، قاتلن کي جلد پڪڙينداسين.