گهوٽڪي جي تعلقي ميرپورماٿيلو ڀرسان ساوند ۽ سندراڻي برادري ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن رپورٽ موجب سرحد ٿاڻي جي حد ڪنگي واري هنڌ تي پراڻي تڪرار تان سندراڻي برادري جي ماڻهن ڳوٺ ڄام ساوند تي حملو ڪري ڏنو. فائرنگ جي نتيجي ۾ ساوند برادري جا 6 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا آهن. لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي مارجي ويلن ۾ پوليس اهلڪار شير محمد، امير بخش، نصيب الله سميت ٻيا شامل آهن. ٻنهي ڌرين وچ ۾ هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو واقعي کان پوءِ پوليس علائقي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي لاءِ علائقي جو گهيراءُ ڪري ورتو آهي.