گهوٽڪي: گرين لائين ايڪسپريس جي انجڻ پٽڙي تان لهي وئي، آپريشن مڪمل

گهوٽڪي ويجهو ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ گرين لائين ايڪسپريس جي انجڻ پٽڙي تان لهي وئي، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.گرين لائين جو انجڻ لهڻ سبب ريلوي جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ٻن ڪلاڪن کان گرين لائين جو انجڻ لهي وڃڻ ڪري فريد ايڪسپريس کي گهوٽڪي ۽ خيبر ميل ايڪسپريس کي پنوعاقل تي روڪڻ بعد منزل طرف روانو ڪيو ويو.پاڪستان ريلويز اختيارين موجب ڪراچي ويندڙ فريد ايڪسپريس کي منزل طرف روانو ڪيو ويو آهي. ٽرين جي انجڻ پٽڙي تان لهڻ سبب ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو آهي، سمورا مسافر محفوظ آهن.جڏهن ته لاهور کان ڪراچي ويندڙ گرين لائين ايڪسپريس جو ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ بعد گرين لائين ايڪسپريس به پنهنجي منزل طرف رواني ٿي وئي آهي.