گوجرانوالا: ٻن ڌيئرن پيءُ کي رسن سان ٻڌي باهه ڏئي ڇڏي، اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت

پنجاب جي ضلعي گوجرانوالا ۾ 2 ڌيئرن پيءُ کي رسن سان ٻڌي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس موجب باهه سبب سڙي ويل متاثر شخص اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري مقتول جي ٻنهي ڌيئرن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو آهي ته مقتول علي اڪبر 3 شاديون ڪيون هيون جنهن مان کيس 10 ٻار آهن، مقتول جي پهرين گهر واري فوت ٿي چڪي آهي جڏهن ته مقتول  ٻن گهر وارين ۽ ٻارن سان گڏ ڪرائي جي گهر ۾ رهندو هو. پوليس موجب مقتول جي ٻنهي ڌيئرن جون عمرون 15 ۽ 12 سال آهن، ڪيس ۾ مقتول جي ٻنهي ڌيئرن سان گڏ  گهر وارين کي به نامزد ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيل ٻنهي ڀينرن پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته والد  ننڊ ستل هو، جنهن دوران اسان والد کي رسن سان ٻڌي موٽر سائيڪل مان پيٽرول ڪڍي باهه ڏئي ڇڏي.