گڊو شهر ۾ قائم ٿيل بواء گورنمنيٽ پراءمري اسڪول ۾ ثقافتي تقريبون جاري آهن گذريل

گڊو شهر ۾ قائم ٿيل بواء گورنمنيٽ پراءمري اسڪول ۾ ثقافتي تقريبون جاري آهن گذريل ڏينهن گورنمينٽ پرائمري اسڪول گڊو انتظاميا پاران اسڪول ۾ پنهنجي شاندار ثقافت سان محبت جو اظهار ڪندي شاندار ثقافتي تقريب منعقد ڪيو ويو جڏهن ته تقريب ۾ ٽي اي او ميل اقبال احمد کوسو، ٽي اي او فيميل خديجه مزاري ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گڊو جي ھيڊ ماستر حاجن لاشاري مھمان خاص طور شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ اسڪول جي استادن نياز احمد ٻرڙو، ممتاز مزاري، نياز احمد کوسو، تاج محمد ٻرڙو، شائق مزاري، محمد اڪمل مزاري، عبدالحئي کوسو، لقمان ڪلھوڙو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي تعلقه اڳواڻ ھدايت ﷲ کوسو، پريس ڪلب گڊو جي صدر شفقت ڀيو، ڪامريڊ احمد نواز گولاٽو اعزازي مھمان طور شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ آيل مھمانن کي اجرڪ جا تحفا ڏنا جنھن بعد اسڪول جي معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ ڪلھن تي اجرڪ پائي قومي گيتن تي رقص ڪيو ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا جڏھن ته ٻارڙن پنهنجي تقريرن ۾ سنڌ، سنڌو درياءَ، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ ٽي وي نيوز ء جيجل کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ شريڪ اسڪول جي ھر ھڪ شاگرد جي مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ ڪلھي تي اجرڪ پھريل ھجڻ سبب ھر طرف ٽوپي ۽ اجرڪ جي خوشبو مھڪي رھي ھئي جڏهن ته تقريب ۾ ٽوپي ۽ اجرڪ پھري آيل مھمان قومي گيتن تي جوش ۽ جذبي سان جهومندا نچندا رھيا ان موقعي تي تقريب ۾ شريڪ مھمانن ۽ استادن خطاب ڪندي چيو ته ايڪتا جي ڏينهن ۾ جيجل ۽ سنڌ ٽي وي نيوز اسان سنڌ واسين کي پنھنجي ثقافت ۽ سنڌو درياءَ سان محبت جو اظھار ڪرڻ جو موقعو ڏيئي اسان سنڌ واسين کي احساس ڏياريو ته اسان سنڌي ئي سنڌو درياءَ جا وارث آھيون ان لاءِ اسان کي سجاڳ ٿي سنڌو درياءَ جي مالڪي ڪري سنڌو کي سڪائڻ واري سازش خلاف اٿي کڙو تي بيھڻ گهرجي ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي اسين هر سال جيان ثقافتي ڏهاڙو عيد جيان ملائيدا آھيون جڏھن ته تقريب ۾ سنڌ ۽ سنڌو جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي..