“گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ چوري ۽ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 چورن جو زخمي ٿيڻ، 9 جوابدارن خلاف ڪيس داخل”

ملڪ جي وڏي بجلي گهر گڊو ٿرمل پاور مان ورھين کان ڪروڙين روپين جون قيمتي لوھ ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري چور بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب شديد زخمي، مرڻينگ حالت ۾ رحيم يار خان منتقل، سڙيل چورن جي بيان بعد گڊو ٿاڻي تي گڊو ٿرمل پاور هائوس جي ايڊمن آفيسر، اليڪٽريڪل انجنيئر، لائين سپريڊنٽ سميت 9 کان وڌيڪ جوابدارن خلاف ڪيس داخل پوليس 4 سيڪيورٽي گارڊن سميت 6 کان وڌيڪ چوري ۾ مبينا ملوث ملازمن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو
تفصيل موجب : گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 600 ميگاواٽ جي گرڊ اسٽيشن مان 11 ھزار ڪي وي لائين جون تارون چوري ڪرڻ دوران اسپارڪنگ سبب تارن ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب چوري ڪندڙ جوابدارن مان 3 جوابدار ستار شر، ظھور ملڪ، عاشق عرف مکڻو ملڪ سڙي سخت زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته تارن کي باھ لڳڻ بعد ٻيا جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، جڏھن ته واقعي بعد گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ ڊيوٽي تي ويٺل واپڊا ملازمن سيڪيورٽي انتظاميا معرفت پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن گڊو پوليس موقعي واري ھنڌ پھچي بجلي جي ڪرنٽ ۾ سڙي زخمي ٿيل 3 جوابدارن کي تعلقه اسپتال ڪشمور کڻائي وئي جتي فرسٽ ايڊ ملڻ بعد زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پنجاب جي رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته زخمين پوليس کي ٻڌايو ته ھو گڊو ٿرمل پاور هائوس جي سيڪيورٽي انتظامیہ ۽ ٻين آفيسرن جي ملي ڀڳت سان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪيبل جون تارون، ٽرامو، لوھ سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ڪندا رهيا آهن رات دير سان آفيسرن چوري ڪرڻ لاءِ گهرايو جتي تارون ڪٽڻ دوران تارن ۾ اسپارڪنگ سبب اوچتو باھ لڳي وئي جنهن سبب بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب اسان سڙي زخمي ٿي پيا آهيون جڏهن ته واقعي جو ڪيس گڊو ٿرمل پاور هائوس جي ايڊمن آفيسر شيرشاھ، گڊو ٿرمل پاور هائوس جي اليڪٽريڪل انجنيئر ماجد گولو، واپڊا ڪالوني جي لائين سپريڊنٽ عطا رسول، واپڊا سيڪيورٽي جي انٽيليجنس انچارج معين خان پٺاڻ، شفيق ڏھر سڙي زخمي ٿيل عبدالستار شر، عاشق ملڪ، ظھور عرف مکڻو ملڪ سميت 9 کان وڌيڪ جوابدارن خلاف گڊو ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي گناھ نمبر 59/2024 تحت داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته گڊو پوليس واقعي بعد معين خان پٺاڻ سميت 4 سيڪيورٽي گارڊن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي