ڳڙھي ياسين شھر مان پسند جي پرڻي لاء نوجوان ڇوڪري پنھنجي چاھيندڙ سان گھران نڪري وئي وارثن پاران اغوا جو ڪيس داخل صحافي جو چاچو گرفتار 3 ڏينھن پوليس حراست ۾ صحافين جي سخت احتجاج بعد آزاد . ناري جو سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل آءۡ پنھنجي مرضي سان گھران نڪري ککراڻي برادري جي نوجوان سان ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي مونکي ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو . ناري پيرائتي خبر موجب ڳڙھي ياسين شھر جي ڊکڻ ناڪه جي رھواسڻ نوجوان ناري شازيه سومرو ھڪ ھفتو اڳ پنھنجي چاھيندڙ ککراڻي برادري جي نوجوان انتظار ککراڻي سان گھران نڪري پنجاب جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو ٻئي طرف ناري جي ماءۡ مسمات خالده سومرو ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي ڌيء جي اغوا جو ڪيس انتظار ککراڻي . سراج ککراڻي ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن مٿان داخل ڪرائي ڇڏيو آھي ان ڏس ۾ ڳڙھي ياسين پوليس شھر جي مدنپور محلا ۾ ڪاروائي ڪري صحافي صدر الدين ککراڻي جي چاچي صحافي امتياز ککراڻي کي گرفتار ڪري 3 ڏينھن تائين پنھنجي حراست ۾ رکي ڇڏيو صحافين جي سخت احتجاج بعد صحافي امتياز ککراڻي کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو ٻئي طرف ڪيس داخل ٿيڻ بعد گھران نڪري پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آھي جنھن ۾ شازيه سومرو جو چوڻ آھي ته مون کي ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو آءۡ پنھنجي مرضي سان انتظار ککراڻي سان پنجاب جي شھر چڪوال جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي آھي ھن چيو منھنجي ماءۡ خالده سومرو پاران ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي منھنجي مڙس انتظار ککراڻي ۽ سراج ککراڻي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي مون کي ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو مان پنھنجي مرضي سان گھران نڪري حق نڪاح ڪيو آھي ھن جو چوڻ آھي ته منھنجي ماءۡ مون کي 10 لکن عيوض ڊکڻ شھر ۾ وڪرو ڪرڻ چاھي پئي جڏھن ته آءۡ انتظار ککراڻي کي پسند ڪندي آھيان مون کي ۽ منھنجي مڙس کي منھنجي ڀائرن ڪاشف . راشد . ياسين ۽ شيراز مان جان جو خطرو آھي ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل آھي ته منھنجي ماءۡ پاران داخل اغوا جو ڪوڙو ڪيس ختم ڪري اسان تحفظ ڏنو وڃي