ھالا ۾ حيسڪو ايس ڊي او جو بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون، شهرين مٿان ڪيس داخل

واهي پانڌي ويجهو قصبو شهر ۾ سان نامعلوم چور ٽريڪٽر اسپيرپارٽس جي دڪان جي ڇت ڀڃي لکين روپين جو سامان چوري ڪري ويا. قصبو شھر جي مين چونڪ تان قدير لغاري جي ٽريڪٽر اسپيرپارٽس واري دڪان جي ڇت مان چور کاٽ ھڻي 4لک 50 هزار جو سامان ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا. دڪاندار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته رات دير سان منھنجي ٽريڪٽر اسپيرپارٽس دڪان جي ڇت کي نامعلوم چور کاٽ ھڻي 4لک 50 هزار جو سامان ۽ 30ھزار روڪ رقم چوري ڪري ويا نوٽيس وٺي سامان رڪور ڪرايو وڃي. شهرين پاران ٻڌايو ته قصبو پوليس جي لاپرواھي سبب چوريون روز جو معمول بڻيل آھن رات جو پوليس شھر ۾ گشت ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جنهن سبب چورن شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڏنو آھي امن امان بحال ڪرايو وڃي.