(رپورٽر عبدالخالق چاچڙ)ڪنڌڪوٽ:ھينڊس اداري ضلعي ڪشمور جوڙيل ٽيم ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ گامڻ خان جکراڻي جو دورو ڪيو . امتياز ملڪ سان ملاقات بعد سندس سان ڪيل گفتگو جنھن دوران ھن گھرن جي تعمير لا۽ ٻڌايل تفصيل ۽ SPHF جي طرفان ملندڙ قسطن جا شرط جڏهن ته گھرن واري تعمير وارو پروجيڪٽ سڄي سنڌ جيان ڪشمور ضلعي ۾ به جاري آھي انڪري انھن تمام گھراڻن کي اطلاع ٿو ڏجي ته ھينڊس اداري پاران تمام گھراڻن جي تصديق کانپوء ايس پي ايڇ ايف اداري پاران گھرن جي منظوري وارو سلسلو جاري آھي۔ايس پي ايڇ ايف اداري پاران گھراڻي جي منظوري شرط ھينڊس دوران ڏنل موبائيل نمبر تي ميسيج ايندو تنھن ڪري ڪنھن به گھر ڌڻي کي ڪنھن به آفيس جو چڪر لڳائڻ جي ڪابه ضرورت نه آھي ميسيج اچڻ شرط لاڳاپيل بئنڪ سان رابطو ڪيو جتي توھان جو اڳواٽ اڪائونٽ کليل ھجڻ جي صورت ۾ ڊاريڪٽ بئنڪ مان رقم وصول ڪيو ٻي صورت ۾ حڪومت پاران پاڻمرادو کولرايل اڪائونٽ کي بئنڪ مان ريگيولر ڪرائڻ شرط رقم وصول ڪريو رقم وصول ڪندي ھينڊس اداري جي ٽيڪنيڪل ٽيم تعمير ٿيڻ واري گھر جا نشان ڏيندي، پھرين قسط جي رقم مان گھر جي ڊي پي سي اداري جي ڏسيل شرطن مطابق مڪمل ڪرڻي آھي،