ڪنڌڪوٽ:ھڪ ڏينھن اڳ شھر کان ڪنڌڪوٽ ويندي انڊس ھا۽ وي تان اغوا ٿيل ٽن ھندو نوجوانن نتيش ڪمار گيھاڻي۔ سنجئي ڪمار ۽ نتيش ڪمار جي بازيابي لا۽ ھندو پئنچايت ۔ جي يو آ۽۔ ايس يو پي۔ پ پ ۽ سياسي سماجي ڌرين جو سيد يعقوب علي شاه.۔ سيد بشير احمد شاھ. مکي ڊاڪٽر سريش لعل۔ فيض الرحمان شاھ ۔ سيد سليم شاھ ۔ ثناء الله اوڳاھي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھر جي مندر چوڪ کان مئن بس اڏي کان ٿيندو نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمور ضلعي جي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي۔ ان موقعي تي ھندو پئنچايت جي مکي سريش لعل تلريجا ۔ بشير احمد شاھ۔ فيض الرحمان شاھ ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته گذريل ڏينهن هٿيار بند مئن انڊس هاءِ وي تي ڪاھ ڪري ڏينهن ڏٺي جو اسانجي ٽن نوجوانن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڪار سميت مبينا طور اغوا ڪري ويا پر هن وقت تائين پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به جوڳا۽ اپاءَ ناهن ورتا جيڪو اسين هندو برادري سان سراسر نا انصافي آهي مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪشمور ضلعي جي پوليس جيستائين اسان جي ٽنھي مغوين هندو واپارين کي بازياب نه ڪرائيندي اوستائين اسان پنهنجا ڪاروباري مرڪز بند رکندي پنهنجي مغوين جي بازيابي لاءِ مسلسل احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندا رهندا سين