ھڪ ھفتو اڳ غوثپور ڀرسان ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل ڳوٺ مارک ڀيو

ھڪ ھفتو اڳ غوثپور ڀرسان ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل ڳوٺ مارک ڀيو جا رھواسي ٻھ پورھيت اڪرم شيخ ۽ اسلم شيخ راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ٿي گھر پھچي ويا آھن۔ مغوين جي وارث عورتن ۽ مردن ڪالھ ست پاڪ ڪتاب کڻي ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ گھمائي پنھنجي گھر ڀاتين جي رھائي لا۽ ڏوھارين کي منٿون ڪيون ھيون جنھن بعد انھن ترس کائي کين اڄ رھا ڪري ڇڏيو۔ ٻئي مغوي اڪرم شيخ ۽ اسلم شيخ ھڪ ھفتو اڳ پنھنجي ساٿين سان ڳڙھي تيغو واري ڪچي ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويا ته تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين کين باندي بڻائي ڇڏيو۔ مغوين جي گھر موٽي اچڻ تي گھر ڀاتين ۾ خوشي جي لھر پکڙجي ويئي آھي۔