ڪنڌڪوٽ: 11 ڏينهن اڳ ٺل مان اغوا ٿي ويل مغوي بھرام کوسو جي بازيابي لاء ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو ايگري ڪلچر سيڊ ايڊ پيسٽي سائيڊ امپلائي ۽ ڊيلر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ۽ وارثن اڪبر بجاراڻي۔ شان کوسو۔ ششپال داس۔ نجيب ملڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو 11 ڏينهن گذري ويا آهن پوليس رڳو ٺلاھ آسرا ڏئي رھي آهي وارثن ۾ سخت بي چيني پکڙيل آهي ۽ اسين ڪاروباري ماڻهوَ سخت مثاثر ٿي رھيا آھيون ھنن مطالبو ڪيو ته مغوي بھرام کوسو کي ٻن ڏينهن اندر بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو۔