اسلام آباد: سپريم ڪورٽ طرفان پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن جي حڪم تي 4 اپريل جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خصوصي بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر 3 رڪني خصوصي بينچ جو حصو هوندو.اليڪشن ڪميشن 14 مئي تي چونڊن جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي آهي. ٻئي طرف پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) سومر جي ڏينهن سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سمورين سياسي پارٽين کي سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج جي دعوت ڏني آهي.