ملڪ ۾ مئي 2022 کان آگسٽ 2023 تائين ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويا آهن گهرو وزارت دهشتگردي جي واقعن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪيا جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ 2 سالن دوران دهشتگردي جا 1560 واقعا پيش آيا جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ 59 ۽ 263 شهري شهيد ٿيا جڏهن ته دهشتگردي جي واقعن ۾ 1365 سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ 773 ٻيا زخمي ٿيا گهرو وزارت طرفان سينيٽ ۾ لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2022 ۾ دهشتگردي جا 736 واقعا پيش آيا جنهن ۾ 227 سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ 97 ٻيا ماڻهو شهيد ٿيا جڏهن ته سال 2022 ۾ 520 سيڪيورٽي فورسز اهلڪار ۽ 401 ٻيا ماڻهو به زخمي ٿيا لکت ۾ جمع ڪرايل جواب موجب پهرين آگسٽ 2023 ۾ دهشتگردي جي 824 واقعن ۾ 366 سيڪيورٽي فورسز اهلڪار ۽ 166 ٻيا ماڻهو شهيد ٿيا ان کان علاوه پهرين آگسٽ 2023 تائين دهشتگردي جي واقعن ۾ 845 سيڪيورٽي فورسز اهلڪار ۽ 372 ٻيا ماڻهو به زخمي ٿيا آهن.