67

ڪجهه ڪلاڪن جي دير ڇو ڀارتي شهري نئون آئي فون خريد ڪرڻ لاءِن دبئي پهچي ويو

نئين دهلي : ڀارتي رياست ڪيرالا سان تعلق رکندڙ هڪ شخص نئين آئي فون کي خريد ڪرڻ جي لاءِ هزارين ميل پري دبئي پهچي ويو
آءِ فون 14 پرو ڀارت ۾ ڪجهه ڪلاڪ دير سان وڪرو جي لاءِ پيش ڪيو پئي ويو جنهن سبب دهيرج پلائي نالي شهري انتظار نه ڪري سگهيو هو آءِ فون خريد ڪرڻ لاءِ دبئي روانو ٿي ويو دهيرج دبئي پهچڻ لاءِ 500 ڊالرز هڪ لک 18 هزار پاڪستاني روپيه خرچ ڪيا جتي هن 3 لک 80 روپين کان وڌيڪ قيمت جو آءِ فون 14 پرو خريد ڪيو هونئن ته اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته آءِ فون دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ پسند ٿيندڙ اسمارٽ فون آهي گذريل ڪجهه سالن دوران آءِ فون خريد ڪرڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن پنهنجن گردن کي وڪرو ڪيو جڏهن ته هر سال ڪيترائي ماڻهو دنيا جي مختلف حصن ۾ ايپل اسٽورز سامهون قطارن ۾ لڳي ان کي خريد ڪندا آهن دهيرج پلاءِ به آءِ فون جو اهڙو ئي ديوانو آهي ۽ اهو چوٿون ڀيرو آهي جڏهن ڀارت ۾ اچڻ کان اڳ نئين آئي فونز کي خريد ڪرڻ جي لاءِ هن دبئي جو رخ ڪيو
دهيرج پلاءِ موجب مون کي انتظار ڪرڻ پسند نه هو پر ايپل اسٽور جي ٻاهران بيهي سڀني کان پهريان فون خريد ڪرڻ پسند آهي هن چيو ته ڀارت ۾ نوان آءِ فون ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ 10 کان 15 ڏينهن کان پوءِ وڪرو لاءِ پيش ڪيا ويندا آهن هن ڀيري دبئي جي مقابلي ۾ ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ اتي آءِ فون متعارف ڪرائڻو هو پر ان باوجود به دهيرج دبئي مان فون خريد ڪرڻ جي روايت ٽوڙڻ نٿي چاهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو