سکر : ملڪ ۾ قانون ٺهڻ ۽ تبديل ٿيڻ سان وڏن ماڻهن کي ئي فائدو ٿئي ٿو : انيل ڀٽي

سکر : پاڪستان مسلم ليگ ق سنڌ جي سينئير نائب صدر سردار الاھي بخش عرف انيل ڀٽي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ملڪ اندر جيڪي به نوان قانون ٺھندا تبديل ٿيندا اھي صرف وڏي طبقي جي فائدي لاء ھوندا ان ۾ غريب جو ڪوبه ڀلو فائدو رليف شامل نه ھوندو.اسان ڳالھ غريبن جي ڪري فائدو امير طبقي ڏيندا آھيون. ھن وقت تائين ٻوڏ متاثرين کي راشن ٽينٽ دوائن سميت

[contact-form][contact-field label=”Name” type=”name” required=”true” /][contact-field label=”Email” type=”email” required=”true” /][contact-field label=”Website” type=”url” /][contact-field label=”Message” type=”textarea” /][/contact-form]

ڪجھ به ناھي مليو. ڏيڍ مھينو گذري ويو آھي ڳوٺن زمينن ۾ 75 سيڪڙو ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آھي.پاڻي سبب ڪالرا مليريا ڊينگي جون بيماريون ڦھلجي ويون آھن.رڳو سنڌ نه پر پنجاب بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃان تائين پاڻي بيٺل آھي.عمران خان چوي ٿو جلدي اليڪشن ڪرايو.جلدي اليڪشن ڪيئن ٿيندا اسڪول ڳوٺ ٻڏل آھن روڊ رستا تباھ ٿي ويا آھن. عمران خان پھرين انھن جي بحالي بعد ۾ اليڪشن جي ڳالھ ڪري. نوجوانن کي گمراھ نه ڪري. عوام کي غلط رستي تي نه وٺي وڃي.ھن چيو ته پي ٽي آء ۽ مسلم ليگ ن پنھنجي جھيڙي ۾ ادارن کي وچ ۾ نه آڻن. ڇوته ٻنھي پارٽين ۾ چور ويٺل آھن.جيستائين ڪرپشن تي ضابطو نه ايندو ۽ ڪرپٽ ماڻھن کان پئسا واپس نه وٺندا تيستائين ملڪ جا حالات نه سڌرندا.ھي وقت ملڪ جي حالات تي توجه ڏيڻ جو آھي.عمران خان پھرين پنھنجي اڍائي سالن جي ڪارڪردگي ته ٻڌائي.ھن سڀني جو ساڳيو حال آھي رڳو ھڪٻئي جي برائي ڪرڻي پر ملڪ عوام جي بھتري جي لاء ڪجھ ناھي ڪرڻون.۽ نه وري پنھنجو احتساب ڪرڻو آھي.ھن ملڪ جي معاشي حالت روزانو خراب ٿيندي پئي وڃي.. جيسيتائين ڳالھيون نه ڪندو مسئلا حل نه ٿيندا.آخري رستو ڳالھيون آھن.

پنھنجي راءِ لکو