ڪنڌڪوٽ:غوثپور شهر جي مين اسٽينڊ وٽ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان لولائي برادري ۽ بھلڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ جھيڙ

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، غوثپور شهر جي مين اسٽينڊ وٽ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان لولائي برادري ۽ بھلڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ جھيڙو ٿي پيو۔ جھيڙي دوران لولائي برادري جي ڏنڊا بردار ماڻھن بھلڪاڻي برادري جي مير احمد بھلڪاڻي جي ڪار جا شيشا ڏنڊا هڻي ڀڃي ڇڏيا.جنھن سبب ھو معمولي زخمي ٿي پيو۔ بھلڪاڻي برادري جي ماڻھن فونون ڪري پنھنجي برادري کي صورتحال کان آگاھي ڏني جنھن بعد سندن برادري جي سوين ماڻھو پاران لولئي برادري جي ماڻھن کي پلاند ۾ ڏنڊا ھڻي رتو رت ڪري ڇڏيو۔ زخمين ۾ منٺار۔ ڏاڏو۔ شينھن۔ نورو۔ راجه ۽ علي بخش لولئي شامل آھن۔ بعد ۾ وري انھن انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو۔ ۔ ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي واقعي واري ھنڌ پھچي بھلڪاڻي برادري کي جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد انڊس هاءِ وي کوليو ويو آهي۔ جھيڙي دوران بھلڪاڻي برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ پھچي جديد ھٿيارن سان فائيرنگ ڪري ڏني ۽ پوليس تماشو ڏسندي رھي۔ زخمين کي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ روانو ڪيو ويو آھي۔ واضع رھي ته ڇھ مھينا اڳ لولائي برادري پاران بھلڪاڻي برادري مٿان ڪارنهن الزام مڙهيو ھو

پنھنجي راءِ لکو