سکر(بيورورپورٽ) سکر سول اسپتال جي سينيئر ڪلارڪ اعجار بروهي پنهنجي گهرواري ثمينه اعجاز سان گڏ احتجاج ڪندي الزام هنيو آھي ته سندس پهرين گهر واري ڪرن فاطمه کي ٻه مهينا اڳ طلاق ڏئي ڇڏي هئي جنهن کاپوء ثمينه سان شادي ڪئي آھي طلاق وٺڻ بعد بعد ڪرن فاطمه مونکي بليڪ ميل ڪري رقم جو مطالبو ڪيو هو رقم نه ڏيڻ تي منهنجي ۽ منهنجي گهر واري ثمينه اعجاز مٿان ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرائي آھي ڪرن بلاجواز مختلف بهانن سان اسان کي پريشان ڪري ذھني ٽارچر پئي ڏئي اڳوڻي گهر واري اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي جڏهن ته ڪرن فاطمه جو ساٿاري علي مغل نالي شخص بلا جواز جي بليڪ ميل ڪري ڌمڪيون پيو ڏئي اڳوڻي گهرواري ۽ ان جي ساٿاري علي مغل جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس انصاف جي حاصلات لاء عدالت ويندس هنن چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ۔ڊي آء جي سکر۔ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته اڳوڻي گهر واري ڪرن فاطمه ۽ سندس ساٿارين خلاف ڪاروائي ڪرائي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔سکر(اي ڊي اين نيوز )مڙس جي ظلم جو شڪار نوجوان،جڌھ ت عورت ڪرن فاطمه جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾چيو آھي ته سول اسپتال سکر جي سينيئر ڪلارڪ اعجاز بروهي نوڪري جو دلاسوڏئي اڳوڻي مڙس کان 2آگسٽ 2022 تي زبردستي طلاق وٺرائي خيرپور جي عدالت ۾ 11 آگسٽ 2022 تي نڪاح ڪيو هو اعجاز بروهي ۽ سندس گهرواري ثمينه اعجاز مٿان عدالتي حڪم تحت سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آء آر داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو هن هٿ ٻڌي اختيارن کي انصاف ڏيارن ڄي اپيل ڪئي آھي۔
