ڪنڌڪوٽ: ڪشمور ضلعي ۾ نياڻين کان ڦر

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ نياڻين کان ڦر.زخمي ڪرڻ وارن واقعن. وڌندڙ بدامني. اغوا. قتل. چوري وارداتن خلاف سول سوسائٽي . شھري اتحاد. جي يو آء .جمائت اسلامي. ھندو پئينچائت .جسقم .ايس يو پي. ايس ٽي پي .قومي عوامي تحريڪ. پي ٽي آء وڪلا سميت مختلف مڪتبئي فڪر جي ماڻھن ڊاڪٽر سريش آنند ڀوڄواڻي. لياقت علي ملڪ. عبيدالله گولو. اڪرم باجڪاڻي. سجاد بروھي.ابراھيم خاڪي. غلام مصطفي ميراڻي. اشوڪ .عبدالعزيز سومرو. ھريش .والي ڏنو. حاجي الطاف. ڊاڪٽر ميھرچند. دلمراد ڏاھاڻي.۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو بينر کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري وڌندڙ بدامني خلاف سخت نعري بازي ڪندي اڳواڻن چيو ته ھاڻي ته اسان جاننگ به محفوظ نه آھن. ڦورو ڏوھارين کان نياڻين کي به نشانو بڻايو ويو آھي. اغوا. ڦر.ڌاڙن.جھيڙن. قتل۽ بدامني جا ذميوار پوليس عملدار .چونڊيل نمائندا آھن ھنن چيو ته جيستائين ڏوھارين خلاف ڪاروائي نه ٿيندي امن بحال نه ٿيندو ايستائين احتجاج جاري رھندو.

پنھنجي راءِ لکو