سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/ اڳوڻي مڙس جي ظلمن جي ستايل ڇوڪري انصاف لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي وئي، سول اسپتال ڪالوني جي رهواسڻ 26 ورهين جي ڪرن فاطمه ڏهر سماجي تنظيم سهارا فائونڊيشن جي چيئرپرسن حنا لاڙڪ، ميري آواز سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ علي مغل ۽ پاڪستان زنده باد آرگنائيزيشن سکر جي اڳواڻ وڪي ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سکر سول اسپتال جي هيڊ ڪلارڪ اعجاز بروهي نوڪري ڏيڻ بهاني دوستي رکي، جنهن اڳوڻي مڙس غلام رسول ڏهر کان آگسٽ 2022ع ۾ طلاق ڏياري ساڳي مهيني شادي ڪئي، شادي جي ڪجهه عرصي کان پوءِ ڳورهاري ٿي ويس، جڏهن ڳورهاري ٿيڻ جي خبر اعجاز بروهي کي ڏني ته هو ناراض ٿي ويو، مون تي ٻار ڪيرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، انڪار تي هن واٽس ايپ ذريعي حلف نامو موڪلي طلاق ڏني. اعجاز بروهي گهر خالي ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ٻي زال ثمينه اعجاز سان گڏجي مون تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي اڳوڻي مڙس ۽ پهاڄ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، ان باوجود پوليس کيس گرفتار نه ڪيو، هاڻي جوابدارن جي ضمانت ٿي وئي آهي، هاڻي جوابدار اعجاز بروهي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڪيس موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنھن مان مونکي ۽ منهنجي خاندان کي زندگين جو خطرو آهي، هن چيو ته سماجي ورڪر علي مغل منهنجو ڀاءُ آهي ۽ منهنجا ساڻس ڪي به ناجائز لاڳاپا ناهن، اعجاز بروهي اسان تي ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي، ان موقعي تي علي مغل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اعجاز بروهي ڪيس کان بچڻ لاءِ ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن لاچار عورت جي مدد ڪرڻ بليڪ ميلنگ آهي ته اهڙي بليڪ ميلنگ ڪندا رهنداسين، اعجاز بروهي هڪ ئي ڏهاڙي ڪرن ۽ سندس ڀاءُ کي نوڪري ڏئي ڪرن کي ڦاسايو اصل بليڪ ميلر ته اعجاز بروهي آهي، ان موقعي تي سهارا فائونڊيشن جي چيئرپرسن حنا لاڙڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اعجاز بروهي ڪرن فاطمه کي 4 مهينن تائين گهر ۾ رکي پنهنجي حوس لاءِ استعمال ڪيو ۽ پوءِ طلاق ڏئي ڇڏي، اهڙي جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي جيڪڏهن اهڙن جوابدارن کي سزا نه ملي ته پوءِ ٻين عورتن جي به زندگي خراب ٿيندي رهندي، ان موقعي تي پاڪستان زنده آباد آرگنائيزيشن سکر جي اڳواڻ وڪي ميمڻ ۽ ٻين سماجي اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اعجاز بروهي کي سزا ڏئي ڪرن فاطمه کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
