سکر: جي ضلعي سليڪشن ڪميٽي خليفي محمود علي ميمڻ طاهري، جان محمد عباسي، خليفي حسيب احمد راهوجو، اڊيٽر حافظ محمد عمر برانچ سکر شهر جي 2023ع جي عھديدران جو اعلان ڪري ڇڏيو

سکر:جماعت اصلاح المسلمين ضلعي سکر جي ضلعي سليڪشن ڪميٽي خليفي محمود علي ميمڻ طاهري، جان محمد عباسي، خليفي حسيب احمد راهوجو، اڊيٽر حافظ محمد عمر برانچ سکر شهر جي 2023ع جي عھديدران جو اعلان ڪري ڇڏيو، سرپرست خليفي محمود علي ميمڻ. صدر محمد اقبال، سينيئر نائب صدر محمد اشرف، نائب صدر محمد احمد، جنرل سيڪريٽري محمد پرويز سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري رانا محمد عامر، پريس سيڪريٽري محسن علي عباسي، فنانس سيڪريٽري محمد يونس، آفيس سيڪريٽري محمد عمر، انفارميشن سيڪريٽري محمد رضوان، لائبريري انچارج محمد رضوان. حافظ محمد اويس.ان موقعي تي جماعت اصلاح المسلمين سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر سعيد اعواڻ ڳالهائيندي چيو ته مسڪرائيندڙ چهرو نيڪ دل جو ترجمان هوندو آهي،دانش مندي نصيحت جي ذريعي ماڻهو کي رب جي راه جي دعوت ڏيون ۽ انهن سان دل جي گهرائين سان بحث ڪريو. خوبصورت انداز، سٺي ڳالهائڻ ۽ مٺي ڳالهين جي نعمت حاصل ڪرڻ جو آسان نسخو آهي پنهنجي محبوب قائد محبوب سجن سائين جي هدايات تي عمل ڪرڻ سان احسان جو جذبو پيدا ٿيندو ۽ نفرتون دور هونديون، زبان جو صحيح استعمال انسان جي سڀ کان وڏي خوبي آهي، ڪاميابي سٺي ڳالهائڻ جي اثر ۽ برڪت سان حاصل ٿيندي آهي.

پنھنجي راءِ لکو