لاهور: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي گورنر پنجاب سان ملاقات، سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون

لاهور: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار لاهور ۾ پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون،ملاقات دوران پنجاب جي گورنر ناڻي واري وزير کي تازي ڪامياب دورن تي مبارڪباد ڏني ۽ معيشت ۾ بهتري جي لاءِ ان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ملاقات دوران اسحاق ڊار چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ اهڙا معاشي چيلنجز پهريان ڪڏهن به ناهن آيا پر ان باوجود پاڪستان جي ڊيفالٽ جو خطرو نه آهي اهو صرف ڪجهه احمق ماڻهن جو خواب ئي رهجي ويندو.
ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ اقتصادي ٽيم معيشت جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن دوران معيشت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي

پنھنجي راءِ لکو