ٺڪراٺو ( رپورٽ : عبدالغفار مهر ) ضلعي انتظاميا پاران نظر انداز ڪرڻ بعد يوسي مبارڪپور جي چيئرمين پاران پنهنجي خرچ ،تي شهر جي صفائي سٿرائي ۽ عيدگاھ جي چئو ديواري جو ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو ،ٺڪراٺو : تازو يوسي مبارڪپور ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيء کي شڪست ڏيندڙ آزاد اميدوار رئيس امام بخش مهتم پاران ٺڪراٺو شهر ۾ نالين جي صفائي ۽ نالين مٿان سيمينٽ جا ڍڪ ۽ ٺڪراٺو معزز حاجي احمد زمان مهتم پاران شهر جي مک عيد گاھ کي چوڏهن ويسا پنهنجي زاتي زمين ڏيڻ بعد ان جي چئوديواري جو خرچ پنهنجي گهران شروع ڪرائي ڇڏيو آهي ،تازو بلدياتي اليڪشن ۾ سرڪاري ڌر پيپلز پارٽيء جي اميدوارن کي عوام ذريعي شڪست ڏئي اليڪشن ۾ کٽي ڪري يوسي مبارڪپور جو چيئرمين چونڊجي ويس پر ضلعي جي اڊمنسٽيٽر توڙي ڊپٽي ڪمشنر سکر پاران مسلسل نظرانداز ڪرڻ بعد مان پنهنجي خرچ تي شهر جي صفائي سٿرائي توڙي فلاحي ڪم جاري رکندس ڇو ته مونکي هتان جي عوام چونڊيو آهي ۽ منهنجو مرڻ جيئڻ به عوام ساڻ گڏ آهي : چيئرمين رئيس امام بخش مهتم
