ڪنڌڪوٽ : خانپور انڊس ھاء وي داروغو واھ ڀرسان ڪار ،ويگن ۽ موٽر سائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ھڪ عورت سميت 3 فوت

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،خانپور انڊس ھاء وي داروغو واھ ڀرسان ڪار ،ويگن ۽ موٽر سائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ھڪ عورت سميت 3 فوت ،ڪيترائج زخمي ٿي پيا ،فوت ٿي ويل 3 ٺل واسي شاھنواز لاشاري ،لاشاري پاڙو ،جڏھن ته ثناء الله ۽ مسمات آمنه ٺل شھر جي رحيم آباد محلي واسي طور سڃاڻپ ٿي جڏھن ته زخمين ۾ ڪرمپور واسي محمد موسي اوڍاڻو مير حسن شيخ ،محبوب جنگواڻي ،ڄام جنگواڻي نوشھرو فيروز واسي عرفان احمد جت سميت 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جن کي خانپور شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جن کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڪجھ زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي

پنھنجي راءِ لکو