ڪراچي: اليڪشن ڪميشن طرفان اڄ شام تائين ڪراچي ڊويزن جي 246 يوسيز جا سمورا نتيجا پڌرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز چوهاڻ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ 4 هزار 9 سئو 90 پولنگ اسٽيشنز تي اليڪشن ٿي، ڪنهن به آفيسر ڊيوٽي دوران ڪوتاهي ناهي ڪئي،هن چيو ته الڳ الڳ ڪيٽيگري جي فارمز 11 ۽ 12 ٺاهيا ويا، مختلف وقتن ۾ ڳڻپ شروع ٿي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميواري ڀرپور نموني نڀائي آهي، شام تائين سمورا نتيجا سامهون اچي ويندا،صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان مانيٽرنگ جو سخت طريقي ڪار رکيو آهي، سيڪريٽري اليڪشن ۽ اسپيشل سيڪريٽري به ڪراچي ۾ موجود هئا
