ڪراچي: مڪاني چونڊون،ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پ پ کي برتري، پي ٽي آءِ کي ڌچڪو

ڪراچي: ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن مان مڪاني چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ ڪراچي جي 246 يوسيز مان 71 يوسيز جا نتيجا سامهون آيا آهن، جن ۾ پيپلزپارٽي 37 يوسيز سان گڏ پهرين، پي ٽي آءِ 14 سان گڏ ٻئي ۽ جماعت اسلامي 14 سيٽن سان گڏ ٽئين نمبر تي آهي،ڪراچي ۾ هڪ هڪ سيٽ جي يو آءِ ف ۽ هڪ تحريڪ لبيڪ کي ملي آهي، جڏهن ته ڏکڻ ضلعي جي چيئرمين جا نتيجا مڪمل ٿي ويا، جنهن ۾ 26 مان 15 يونين ڪميٽيز تي پ پ ۽ 9 تي تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي آهي، ڏکڻ ضلعي ۾ هڪ سيٽ تي تحريڪ لبيڪ جو پينل چونڊجي ويو آهي ۽ هڪ سيٽ تي چونڊ ملتوي ٿي وئي آهي،ملير ۾ غير حتمي نتيجن موجب 30 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي 24 تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، ملير جي ٽن يونين ڪميٽين تي پي ٽي آءِ ۽ ٽن يونين ڪميٽين تي جماعت اسلامي جا اميدوار ڪامياب ٿيا،ٺٽي ۾ به مڪاني چونڊن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ٽائون ڪميٽي ميرپور ساڪرو تي پيپلزپارٽي کي شڪست ملي آهي،ٽن سيٽن مان 2 سيٽون آزاد اميدوار اقبال خاصخيلي ٻهاري ويو ، يوسي ٻهارا ۾ چيئرمين جي سيٽ تي به پيپلزپارٽي کي شڪست ملي آهي، آزاد اميدوار محمد خان ڪنڀار 21 سئو 13 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ اميدوار ظفر سومرو 1771 ووٽ حاصل ڪيا

پنھنجي راءِ لکو