ڪنڌڪوٽ :غوثپور۔لڳ ڳوٺ بخشو خان لولئي ۾ لولئي ۽ بھلڪاڻي برادرين جي وچ۾ ھلندڙ ڪارنھن تڪرار جي خاتمي لا۽ علائقي جي چڱن مڙسن جو منٿ ميڙ قافلو ڳوٺ جي چڱي مڙس علي جان لولئي وٽ پھچي ويا

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،غوثپور۔لڳ ڳوٺ بخشو خان لولئي ۾ لولئي ۽ بھلڪاڻي برادرين جي وچ۾ ھلندڙ ڪارنھن تڪرار جي خاتمي لا۽ علائقي جي چڱن مڙسن جو منٿ ميڙ قافلو ڳوٺ جي چڱي مڙس علي جان لولئي وٽ پھچي ويا۔ ڌرين کي مان ڏيندي لولئي برادري ٺاھ لا۽ راضپو ڏيکاري ڇڏيو۔ سردار مير عابد خان جيڪو فيصلو ڪندو قبول ڪنداسين۔ لولئي برادري جو موقف۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب بجاراڻي ھائوس جي ترجمان رئيس فوج علي ڏاھاڻي۔ ڊاڪٽر مظفر ڏاھاڻي۔ سيد امير علي شاھ ۽ مقدم ريض بھلڪاڻي سميت علائقي جي ڪيترن ئي معززين جو منٿ ميڙ قافلو ڳوٺ بخشو خان لولئي ۾ ڳوٺ جي چڱي مڙس علي جان لولئي وٽ پھچي کيس گذارش ڪئي ته بھلڪاڻي برادري پاڻ مٿان آيل ڪارنھن الزام جو عيوضو ۽ ڏنڊ چٽيون ڀرڻ لا۽ تيار آھي توھان جنگبندي ڪري ٺاھ لا۽ راضي ٿيو ته جيئن علائقي جو ويل امن موٽي اچي۔ لولئي برادري جي چڱي مڙس علي جان۔ اڪبر ۽ عارف لولئي سنگت کي مان ڏيندي ٺاھ لا۽ راضپو ڏيکاريو ۽ چيو ته اسان جو سردار مير عابد خان جيڪو فيصلو ڪندو اسان کي قبول آھي۔ ھنن شرط وجھندي چيو ته ڪاري ڌر جا ماڻھو غوثپور ۾ ايندي يا گھمندي ڏٺاسين ته کين گھٽ نه ڪنداسين۔ رئيس فوج علي کين يقين ڏياريو ته اسان انھن کي شھر اچڻ کان روڪينداسين۔ واضع رھي ته ڍھ مھينا اڳ لولئي برداري عبدالرحمان لولئي تي ڪارنھن الزام مڙھيو جنھن بعد ٻئي ڌريون ھڪٻئي مٿان حملا ڪنديون رھن ٿيون جنھن ۾ لولئي برادري جا ست ۽ بھلڪاڻي برادري جا ٽي ماڻھو زخمي پڻ ٿيا آھن۔۔

پنھنجي راءِ لکو