لاهور : عمران خان پنجاب جو وڏو وزير بنايو، سندس احسان ڪيئن وساري سگهان ٿو،پرويز الاهي

لاهور : پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان مون کي پنجاب جو وڏو وزير بنايو مان سندس احسان ڪيئن وساري سگهان ٿو،لاهور ۾ داتا دربار جي ٻاهران پارڪنگ پلازه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته عمران خان اسان جو اڳواڻ آهي. هن مون کي پنجاب جو وڏو وزير بنايو، مان سندس احسان نٿو وساري سگهان، اسيمبليون ٽوڙڻ کان پوءِ چونڊون ٿينديون، اتحادي حڪومت جو نالو کڻڻ کان سواءِ هن چيو ته انهن کي جلد چونڊون ڪرائڻيون پونديون،پرويز الاهي چيو ته اسان لاهور کي 20 ارب کان وڌيڪ جو پيڪيج ڏنو آهي. ڪالهه اسان 15 ارب روپين جي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو آهي. ان کان اڳ اسان لاهور کي اپ گريڊ ڪرڻ جو وڏو منصوبو ٺاهيو آهي. هن چيو ته شريف لاهور جا مالڪ بڻجي ڦرندا آهن پر هي ترقياتي ڪمن لاءِ آيل پئسا لڳائڻ بجاءِ پاڻ کائي ويندا اهن، پنجاب جي وڏي وزير چيو ته هتي شريفن ۽ راڻا ثناءُالله جهڙن بيوقوفن صرف ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن ان سان ڪوبه فرق نه پوندو. هنن کي خبر ئي ناهي ته ملڪ ڊيفالٽ طرف وڃي رهيو آهي. ملڪ کي بچائڻ لاءِ تڪڙيون چونڊون ڪرايون وڃن

پنھنجي راءِ لکو