ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ڪچو ڪيٽي واري علائقي ڳوٺ قبول اوڳاھي ڀرسان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ڀڙڪي اٿيو۔ ٻنھي ڌرين جي ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائيرنگ ۾ چار ڄڻه اميد علي۔ محمد علي۔ سعيد علي ۽ محمد بخش اوڳاھي مارجي ويا۔ ٻھ ڄڻه سخت زخمي۔ مارجي ويل اميد علي۔ محمدعلي ۽ سعيد علي پاڻ ۾ ڀائر آھن۔ علائقي ۾ ڏھڪاء۔وڌيڪ مليل تفصيل موجب ته ڪچو ڪيٽي واري علائقي ۾ خدن عرف خدابخش ۽ ڪرو عرف ڪريم بخش اوڳاھي جي ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ ھيو اڄ ٻيھر ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا جنھن ۾ خدن واري ڌر جا ٽي ڄڻه اميد علي۔ محمد علي ۽ سعيد علي جيڪي پاڻ ۾ ڀائر ھئا موقعي تي مارجي ويا ۽ ڪريم بخش واري ڌر جو ھڪ ڄڻو محمد بخش مارجي ويو۔ جھيڙي دوران فائيرنگ ۾ ٻھ ڄڻه ڪريم بخش سميت سخت زخمي آھن۔ واقعي جي اطلاع بعد به پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي آھي جڏھين ته پوري ڳوٺ ۾ سوڳ واري ڪيفيت آھي ۽ مقتولن جي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي۔ لاش واقعي واري ھنڌ پيل آھن
