اسلام آباد: حڪومت اپريل ۾ چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويندي، عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت اپريل ۾ چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويندي،برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته هن وقت 2 مهينا به پري لڳي رهيا آهن. مون اڳ ئي چيو هو ته ڪجهه به ٿي وڃي هي حڪومت اپريل ۾ چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويندي،عمران خان وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ پرويز الاهي تي تمام گهڻو زور لڳايو ته هو(ن) ليگ جو وڏو وزير بڻجي وڃي يا وڏ وزارت ڇڏي ڏئي پر هن اسان سان وفاداري نڀائي، اسان کي وفاداري واپس ڏيڻي هئي ۽ اهو اهڙي طرح ته هو پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿي وڃي ۽ اسان جي پارٽي جو حصو بڻجي وڃي،پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هن وقت نئين آرمي چيف سان ڪابه ريليشن شپ نه آهي. هن الزام لڳايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت هارس ٽريڊنگ ذريعي آئي آهي جنهن 20 کان 25 ڪروڙ روپيه ڏئي ماڻهن کي خريد ڪيو. جنرل باجوه به سندس مدد ڪئي. هن کي اسان جي مٿان ويهارڻ لاءِ 1100 ارب روپين جي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرايا ويا. اسان جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. ڪڏهن به پاڪستان جون معاشي حالتون اهڙيون نه هيون جيڪي اڄ آهن،عمران خان چيو ته ان جو هڪ ئي حل آهي صاف، شفاف چونڊون. جيستائين پاڪستان ۾ چونڊون نه ٿينديون نه اندر کان ڪو سرمائيڪار، ڪاروباري شخصيت هنن تي ڀروسو رکندو نه ئي ٻاهر کان ڪو هنن مٿان ڀروسو ڪندو. اسان هڪ دلدل ۾ ٻڏندا پيا وڃون. سريلنڪا جهڙي صورتحال کان بچڻ جو هڪ ئي حل آهي فري اينڊ فيئر چونڊون

پنھنجي راءِ لکو