سکر:سن ۾ رهبرِ سنڌ مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي قومي ڪارڪنن تي گوليون هلائي زخمي ڪرڻ ۽ خوف حراس پئدا ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي سڏ تي اڄ ايس يو پي سکر طرفان سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ۾ ايس يو پي جي عيدن جاگيراڻي، سراج ڊوگر، حسيب جوڻيجو، فدا سنڌي، عمران سامٽيو يامين ميراڻي، نجم ڊوگر ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ حڪومت جي وزير اعلي مراد علي شاھ جي حڪم تي SSP ڄامشورو پرامن قومي ڪارڪنن مٿان حملو ڪيو آهي، زرداري ليگ جي فاشست ۽ آمرانا قدم جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪجي ٿي ۽ مطالبو آهي تہ SSP ڄامشورو کي في الفور ھٽائي جوڊيشنل جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث فورس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
