سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس مبينه مقابلن ۾ ٽن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،خبر موجب، ايس ايس پي سکر جي ترجمان پريس بيان ۾ چيو آهي ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ۽ هٿيار بند ڏوهارين وچ ۾ گرم گوڊي واري علائقي ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران هڪ ڏوهاري عدنان عرف بٽو اعواڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رائو شفيع الله (بي سيڪشن) ٿاڻي جي پوليس ۽ ڏوهاري وچ ۾ ٽي اينڊ ٽي موڙ وٽ مقابلو ٿيو، جڏهن ته دوبدو فائرنگ ٿيڻ دوران هڪ ڏوهاري راشد عباسي کي گولي لڳي وئي جنهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ساڳي ئي رات ۾ سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس سان ٽيون مقابلو لينس ڊائون پل وٽ ٿيو، جنهن ۾ حذيفه ميمڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ته گرفتار جوابدار چوري، ڌاڙن ۽ ٻين سنگين ڪيسن ۾ گهربل هئا، جن وٽان هٿيار ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته گرفتار ڪيل ٽنهين زخمي ڏوهارين کي علاج خاطر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، سکر پوليس جا ڏوهارين سان گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5 الڳ الڳ مقابلا ٿيا، جن ۾ هڪ ڦورو يوسف جاگيراڻي مارجي ويو ۽ 6 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن،
