ڪنڌڪوٽ:جمال ٿاڻي جي حد مان رات نامعلوم چور نظام ٽانوري جي گھر مان ٽي مينھون چوري ڪري ويا

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،جمال ٿاڻي جي حد مان رات نامعلوم چور نظام ٽانوري جي گھر مان ٽي مينھون چوري ڪري ويا ،ڳوٺ مير واحد بخش بجاراڻي ۾ نامعلوم چورن نظام ٽانوري جي گھر مان کاٽ ھڻي ٽي مينھون چوري ڪري فرار ٿي ويا ،ڀاڳين جي ننڊ مان اٿڻ تي گھرن ۾ مينھون موجود نه ھجڻ تي ڀاڳين پيرا کڻي جمال واري علائقي غريب آباد ۾ پھتا ته تاڙ ۾ ويٺل ڏوھارين پاران مٿن فائرنگ ڪري ٽي موٽر سائڪلون به ھٿيارن جي زور تي ڦري ورتيون ،پوليس کي بروقت اطلاع پوليس سڏ پنڌ تي ھجڻ باوجود به واقعي واري ھنڌ نه پھتي ، واقعي خلاف ٽانوري برادري جي سوين ماڻھن انڊس ھاء وي بند ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ،مظاھرين ولي محمد ٽانوري عبد الله ٽانوري محمد پناھ ٽانوري دانھيندي چيو ته ايس ايڇ او جمال سونارو جتوئي ڏوھارين سان مليل آھي جنھن اسان جون موٽر سائيڪلون ڏوھارين کان ڦر ڪرايون آھن واقعي واري ھنڌ موجود ھجڻ باوجود ڏوھارين خلاف ڪا به قانوني ڪاروائي نه ڪيائين ۽ فائرنگ جو ٻڌي اتان کسڪي ويو مظاھرين جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان بي وس ۽ غريب آھيون ڏوھاري طاقتور آھن اسان سان انصاف ڪري اسان جون چوري ٿيل ٽي مينھون ۽ ٽي موٽر سائيڪلون واپس ڪرائي ڏوھارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو