ڪنڌڪوٽ .
ڪنڌڪوٽ سن ۾ قومي ڪارڪنن تي تشدد . گرفتارين ۽ پوليس جي ڏاڍ خلاف ايس يو پي ۽ ايس ٽي پي پاران ڪنڌڪوٽ گهنٽا گهر کان پريس ڪلب تائين دلمراد ڏاهاڻي ،ظريت بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، شاهنواز مرهيٽو، حاجي الطاف بنگوار . ڇوٽو جکراڻي، اي ڪي اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن سن ۾ پوليس جي ڪاروائين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته سن ۾ سيد جي ورسي جي موقعي تي پرامن ڪارڪنن مٿان پوليس جي ڏاڍ. بربريت برداش کان ٻاهر آهي انهن چيو ته ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري زيادتيون بند ڪيون وڃن ۽ انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.
