اسلام آباد: تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ اپوزيسن اڳواڻ جي تبديلي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف اڳواڻ عامر ڊوگر طرفان اپوزيشن اڳواڻن جي تبديلي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون آهن. 20 فيبروري تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ پي ٽي آءِ اپوزيشن جي وڏي پارٽي آهي. ان ڪري اپوزيشن اڳواڻ پي ٽي آءِ جو هجڻ گهرجي.خط ۾ چيو ويو آهي ته اپوزيشن اڳواڻ جي تبديلي لاءِ قدم کنيا وڃن ڇو ته نيب قانون تحت نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ اپوزيشن اڳواڻ ۽ اسيمبلي اڳواڻ جو ڪردار اهم آهي ان ڪري آفتاب سلطان جي جڳهه نئي مقرري پي ٽي آءِ جي اپوزيشن اڳواڻ جي مشاورت سان ٿيندي.
