ڪراچي (م ڊ) صدر پاڪستان آصف علي زرداري سنڌ ۾ امڪاني برساتي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن ادارن کي تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي کان پوءِ صدر زرداري صوبائي حڪومت، ضلعي ۽ بلدياتي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته امڪاني ٻوڏ ۽ برساتي وهڪرن کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهجي. صدر زرداري چيو ته شهري علائقن خاص طور تي هيٺاهين ۽ سامونڊي پٽن ۾ اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن، جيئن عوام کي ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ نقصان نه پهچي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته حب ڊيم ۽ ٻين آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي سطح تي ويجهڙائي سان نظر رکي وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جا بندوبست اڳواٽ مڪمل ڪيا وڃن.
