صدوجه ٿاڻي جي حدن ۾ قومي شاهراهه تي هڪ المناڪ روڊ حادثي ۾ ڪار ۽ ڊمپر جي ٽڪر سبب 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جن ۾ ٻه مرد، ٽي عورتون ۽ ٻه ٻار شامل آهن. فوتين جو تعلق ضلع خيرپور جي ڳوٺ لقمان جانوري سان ٻڌايو پيو وڃي. تفصيل موجب، قومي شاهراهه تي ٽوٽل پارڪو ڀرسان هڪ خراب ٽرالر بيٺو هو، جنهن سبب اڳيان ويندڙ مهراڻ ڪار سست ٿي وئي. انهي دوران پويان ايندڙ ڊمپر ڪار کي زور سان ٽڪر هنيو ۽ چيڀاٽي ڇڏيو، نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار سمورا ماڻهو موقعي تي فوت ٿي ويا. سڃاڻپ ٿيل فوتين ۾ غلام محمد ولد بخشڻ جانوري، سڪونه لقمان ۽ علي احمد جانوري شامل آهن، جڏهنتہ ٽي عورتون ۽ ٻه ٻار اڃا تائين اڻسڃاتل آهن. واقعي جي اطلاع تي SHO صدوجه ۽ DSP مورو فوري طور واقعي واري هنڌ پهتا، جڏهنتہ DHO نوشهروفيروز طرفان ايمبولينسون موڪلي لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس ڊمپر کي ضبط ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي. ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو واقعي جو نوٽيس وٺندي حڪم ڏنو آهي ته حادثي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوار ڊرائيور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
