سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ ڪيترائي برساتي ڏيڏر نڪري آيا آهن، جيڪي افواهون پکيڙي رهيا آهن. باني پاڪستان محمد علي جناح جي يوم وفاقت جي موقعي تي مزار قائد تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان باني پاڪستان قائداعظ محمد علي جناح جي اڻٿڪ جدوجهد جو نتيجو آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته انهي جي اصول، ايمان، اتحاد ۽ قرباني کي اپنائي ملڪ کي هڪ حقيقي اسلامي فلاحي رياست بڻايو وڃي. مراد علي شاهه انهي موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي به خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي دفاع ۽ ايٽمي پروگرام لاءِ لازوال ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڀارت جي تازي جارحيت جو موثر جواب پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوامي يڪجهتي سان ڏنو ويو، اهوئي اتحاد اسان جي اصل طاقت آهي. سنڌ جي وڏي وزير ڪشميري عوام تي ڀارتي ظلم ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو ته معصوم ٻارن ۽ شهرين تي بمباري ڪندڙ اسرائيل مسلم دنيا جي يڪجهتي سبب ضرور ناڪام ٿيندو. ملڪ ۾ جاري ٻوڏ جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سميت ڪيترائي علائقا متاثر آهن، ۽ هن وقت اسان جي پهرين ترجيح انساني حياتين کي محفوظ بنائڻ ۽ بيراجن، بندن کي بچائڻ آهي. هن خاص طور تي ڪچي جي علائقن ۾ رهندڙن کي اپيل ڪئي ته حڪومت جي هدايت تي عمل ڪريو ته جيئن جاني نقصان کان بچي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي فوري ريليف سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. زرعي ۽ ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي پئي وڃي، ۽ عالمي سطح تي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ فليش اپيل پڻ ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ ٻوڏ جي حوالي سان تنقيد جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته برسات کان پوءِ ڪيترائي برساتي ڏيڏر سامهون اچي ويا آهن جيڪي بي بنياد افواهون پکيڙي رهيا آهن. اهڙا عناصر لساني ۽ سياسي تفريق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن، ڇو ته قوم پهريان ئي انهي جي ڳري قيمت ادا ڪري چڪي آهي. هن چيو ته انتظاميه ۽ عوامي نمائندا برسات ۽ ٻوڏ جي دوران روڊن تي موجود رهيا ۽ پنهنجون ذميواريون ادا ڪندا رهيا. مراد علي شاهه اهو به مڃيو ته ڪجهه ڪوتاهيون ضرور سامهون آيون آهن، پر انهي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر اهڙي منصوبي جي حمايت ڪندي جيڪو غير تڪراري هجي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدمن جو سلسلو جاري رکيو ويندو.
