بڊاڻي ڀرسان هٿياربندن پاران واپارين کان لکين روپيا ۽ موبائل فون ڦر، لنڪ روڊ بند

بڊاڻي رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ ,خشاپور ٿاڻي جي حد گُڊو بي ايس فيڊر جي پل وٽ سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ واپارين کي نامعلوم هٿياربندن پاران نشانو بڻايو ويو، جن واپارين کان لکين روپيا ۽ موبائل فونز ڦر ڪري فرار ٿي ويا.ان واقعي کان پوءِ سبزي جي واپارين بڊاڻي لنڪ روڊ بند ڪري احتجاج ڪيو، جنهن سبب ڪي ڪي بند تي پتر کڻي ويندڙ ڊمپرن جون قطارون لڳي ويون.واقعي تي موجود واپارين غلام علي سومرو، اصغر بڊاڻي، پپو ماڇي ۽ اصغر سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڄ صبح بڊاڻي کان ڪنڌڪوٽ طرف سبزي کڻڻ لاءِ ويندي وقت بي ايس گڊو فيڊر جي پل وٽ 6 نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي اسان کي يرغمال بڻايو ۽ اسان کان لکين روپيا ۽ موبائل فونز ڦر ڪري فرار ٿي ويا.واپارين وڌيڪ ٻڌايو ته بي ايس گڊو فيڊر واري پل تي پوليس چوڪي قائم آهي، پر ڪجهه وقت کان اها بند آهي، جنهن سبب ڏوهاري ڪچي کان اچي ڦر ۽ ٻيون وارداتون ڪري آساني سان فرار ٿي ويندا آهن.واپارين ايس ايس پي ڪشمور کان اپيل ڪئي آهي ته فورن هن چوڪي کي بحال ڪيو وڃي ۽ ڏوهارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کان ڦر ٿيل پئسا ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو