سنڌو درياءَ جي ڀرسان واقع شهر ڄامشورو جي ڀرسان پهاڙي نالن مان ايندڙ برساتي وهڪرن تباهي مچائي ڇڏي، تعلقي بولاخان جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.برساتي وهڪرن سبب شهرين جي اچ وڃ متاثر ٿي وئي، بجلي ۽ گيس جو نظام معطل ٿي ويو، جڏهن ته ماڻهن جو چوپايو مال ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻڏي ويو. ندي نالن ۾ چاڙهه سبب علائقي جي رهواسين طرفان لڏ پلاڻ جو سلسلو جاري آهي.هوڏانهن نوشهروفيروز جي علائقي ڪمال ديرو جي ڀرسان سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي ويل ٻيڙي ۾ سوار 5 ڄڻن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي.لاڙڪاڻو ۽ سيوهڻ بچاءُ بند ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾ به ٻوڏ صورتحال شديد آهي، جنهن سبب وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.ٻئي طرف صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (PDMA) سنڌو درياءَ ۾ گڊو بيراج جي هنڌ تي 14 کان 15 سيپٽمبر دوران مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.سکر بيراج تي به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪچي مان 13 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي هن وقت هيٺاهين درجي جي ٻوڏصورتحال برقرار آهي.
