گهوٽڪي: چاچڙ برادري جي جھڳڙي ۾ ٻه نوجوان شهيد، هڪ زخمي

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ – گهوٽڪي ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ فقير محمد چاچڙ ۾ سڱاوتي تڪرار سبب چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هٿيارن جا منهن کوليا ويا ۽ فائرنگ ڪئي وئي. نتيجي طور ٻه نوجوان ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو.قتل ٿيل ٻه نوجوان ڀائر هئا، عبدالهادي ۽ فياض احمد چاچڙ، جڏهن ته زخمي نوجوان طارق چاچڙ آهي. لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن کي حوالي ڪيو ويو، ۽ گهر پهچڻ تي علائقي ۾ قهرو مچيو. ٻن ڌرين پاران مورچا بند ڪيا ويا، پر هن وقت تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.پوليس جي مطابق جوابدار حمزو چاچڙ، جبار چاچڙ ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. انهن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن، پر تاحال پڪڙي نه سگهيا.واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جو ماحول قائم آهي، ۽ مقامي ماڻهو پوليس کان جلد ڪارروائي جي اپيل ڪري رهيا آهن ته انصاف کي يقيني بڻايو وڃي.


پنھنجي راءِ لکو