ايشيا ڪپ 2025: پاڪستان ۽ ڀارت اڄ دبئي ۾ آمهون سامهون

ايشيا ڪپ ٽي ٽورنامينٽ جو اهم ميچ اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو. ڪرڪيٽ جا سڀ کان وڏا مخالف هڪ دفعو ٻيهر آمهون سامهون ٿيندا. پاڪستان ۽ ڀارت اڄ ايشيا ڪپ جي گروپ اي جي ميچ ۾ دبئي ۾ سامهون ايندا.6 مهينن دوران ٻئي ٽيمون ٻيون ڀيرو آمهون سامهون ٿينديون، جڏهن ته اڳ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت چيمپينز ٽرافي جي ميچ ۾ آمهون سامهون آيا هئا. تازو ڪارڪردگي جي لحاظ سان ٻئي ٽيمون بهترين فارم ۾ آهن. ڀارت ايشيا ڪپ ۾ متحده عرب امارات کي 9 وڪيٽن سان شڪست ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان افغانستان ۽ يو اي اي کي شڪست ڏئي ٽه ملڪي سيريز پنهنجي نالي ڪئي.دبئي جي گرم موسم ۾ اهو ميچ کيڏيو ويندو، جتي ڏينهن جي وقت گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، پر ميچ دوران سج لهڻ کان پوءِ گرمي پد 33 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهندو.ايشيا ڪپ ۾ ٻنهي ٽيمن جو رڪارڊ دلچسپ آهي. ڀارت 19 ميچن مان 10 ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان 6 ميچ کٽيا آهن. پاڪستان ڀارت خلاف ايشيا ڪپ ۾ آخري فتح 2022 ۾ حاصل ڪئي هئي. ڀارت 8 ڀيرا ايشيا ڪپ جو چيمپين بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان اهو اعزاز صرف 2 ڀيرا حاصل ڪيو آهي.ميچ جي تياري لاءِ پاڪستاني ٽيم پريڪٽس جي بجاءِ آرام کي ترجيح ڏني آهي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم ٽريننگ سيشن ۾ حصو ورتو. پاڪستاني ڪرڪيٽ جي شوقينن ڀارت جي خلاف ميچ ۾ وڏيون اميدون رکيل آهن ۽ اميد آهي ته پاڪستاني ٽيم شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي.پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو پاڪستاني وقت موجب اڄ شام 7:30 وڳي شروع ٿيندو.

پنھنجي راءِ لکو