بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي شير بندي علائقي ۾ 15 سيپٽمبر تي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي آءِ اي ڊي ڌماڪي جو شڪار بڻجي وئي، جنهن نتيجي ۾ پاڪ فوج جا پنج جوان شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ ڪيپٽن وقار احمد، نائيڪ اسمت الله، لانس نائيڪ جنيد احمد، خان محمد ۽ سپاهي محمد ظهور شامل آهن.آءِ ايس پي آر موجب واقعو فوري طور تي نوٽيس ڪيو ويو ۽ سيڪيورٽي فورسز هڪ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران مبينا طور ڀارتي پراڪسي نيٽ ورڪ (فتنه الهندستان) سان وابسته 5 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ هاڻي سرچ ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن به باقيات يا سرپرست دهشتگردن کي آخر تائين پڪڙي سگهجي.آءِ ايس پي آر هن واقعن تي اظهار ڪيو آهي ته شهيد جوانن جون قربانيون قوم جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون؛ فوج اڳيئي اعلان ڪري چُڪي آهي ته ملڪ کي ڀارتي سرپرستي واري دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رکندي.
