اسلام آباد: وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ پنهنجي لاءِ نه پر سڄي دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ آهي۔انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪيو ۽ بنا جواز جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جنهن کان پوءِ ڀارت کي جنگبندي جي درخواست ڪرڻي پئي۔عطا تارڙ جو چوڻ هو ته چئن ڏينهن جي جنگ ۾ پاڪستان فتحن جي نئين داستان رقم ڪئي، جڏهن ته مودي حڪومت ۽ هندوتوا نظريي کي عبرتناڪ شڪست ملي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڀارت هڪ غاصب ۽ جارح ملڪ آهي جيڪو مظلوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر پهلگام جهڙا واقعا دنيا آڏو سندس اصليت کولي چڪا آهن۔وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن لاءِ هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي۔ ڀارت جي غير ذميوارانه رويي هاڻي راندين تائين پهچي ويو آهي، جتي هو مختلف طريقا استعمال ڪري رهيو آهي۔عطا تارڙ زور ڏنو ته پاڪستان پرامن بقا تي يقين رکي ٿو ۽ والاريل ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو۔ هن چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب ئي حل ٿي سگهي ٿو ۽ پاڪستان ان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو۔
